January 18, 2022

نيب جو شاهد خاقان عباسي جي ضمانت خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي ضمانت جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو.

نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي کي ڌر بڻايو ويو آهي.

نيب طرفان درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ضمانت جي فيصلن خلاف اپيل منظور ڪئي وڃي.

نيب پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي 25 ۽ 27 فيبروري جي ضمانت جي فيصلن خلاف اپيل منظور ڪري شاهد خاقان عباسي جي ضمانت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

Follow by Email
YouTube
YouTube