October 26, 2021

پاڪستاني نوجوان جبل چاڙهو تاريخ لکي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي 19 ورهين جي جبل چاڙهو شهروز ڪاشف جي ڪاميابين جو سفر جاري آهي ۽ هن نيپال ۾ 8000 ميٽر بلند هڪ ٻي چوٽي مناسلو کي سر ڪري ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.

شهروز ڪاشف 8163 ميٽ بلند مناسلو چوٽي کي سر ڪيو، اها سندس ڪيريئر جي چوٿين وڏي چوٽي آهي جيڪا هن سر ڪئي آهي.

شهروز ڪاشف پنجن مهينن اندر لاڳيتون ٽين اهڙي چوٽي سر ڪئي آهي جنهن جي بلندي 8000 ميٽرن کان وڌيڪ آهي جيڪا ان ايج ڪروپ ۾ رڪارڊ آهي، هو ڪي ٽو سر ڪندڙ دنيا جو پهريون ننڍي ترين عمر وارو جڏهن ته مائونٽ ايوريسٽ سر ڪندڙ پاڪستان جو ننڍي ترين عمر جو جبل چاڙهو آهي.

شهروز جي پيءُ ڪاشف ٻڌايو ته شهروز ڪاشف مڪمل فٽ ۽ پرجوش آهي، هوٻنڏينهن تائين بيس ڪيمپ ۾ پهچندو.

پنجاب جي راندين واري وزير راءِ تيمور ڀٽي شهروز ڪاش کي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته نوجوان جبل چاڙهو دنيا ۾ 8000 ميٽر کان بلند چوٿين چوٽي سر ڪئي آهي جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، ننڍي عمر ۾ اهڙي بهادري ۽ دليري جو مثال نٿو ملي.