October 26, 2021

ڪنڌڪوٽ: عدالت جو انوکو حڪم، جوابدارن کي نماز پڙهڻ ۽ مسجد جي صفائيءَ جو حڪم

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ عدالت بجلي جي تارن ۾ وچڙي 3 مينهون مرڻ جي ڪيس ۾ واپڊا عملي کي انوکي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ڪنڌڪوٽ ۾ 3 مهينا اڳ بجلي جي ڪِريل تارن ۾ وچڙي 3 مينهون مري ويون هيون، جنهن تي انهن جي مالڪ سيپڪو اهلڪارن خلاف عدالت ۾ درخواست ڏني هئي.

سول ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ فيصلو ٻڌائيندي ايس ڊي او، لائن سپرنٽينڊنٽ ۽ لائن مين کي ٻن سالن تائين 5 ئي وقت نماز پڙهڻ، 40 وڻ پوکڻ، هر جمعي تي ٻن مسجدن جي صفائي ۽ هر مهيني 10 حيثيون ياد ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو.

عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته هر مهيني سزا يافته عملدارن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.