January 18, 2022

خورشيد شاهه جي گهرڀاتين خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي گهرڀاتين ۽ شريڪ جوابدارن خلاف نيب درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.

جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 3 رڪني بئنچ 27 سيپٽمبر تي انهن درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي.

قومي احتساب بيورو خورشيد شاهه جي پٽن ۽ ٻن گهروارين جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي.

آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ شريڪ جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ جون درخواستون به داخل ڪيل آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube