November 28, 2021

سنڌ حڪومت تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: حليم عادل شيخ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم تباھه آهي، 1450 ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ 69 لک ٻارڙا تعليم کان محروم آهن.

حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته 10 هزار اسڪول بند ڪيا پيا وڃن، اهي اسڪول بند ڪرڻ کانپوءِ اهي بلڊنگون به مال جي واڙن ۾ تبديل ڪيون وينديون، صوبي ۾ تعليم کي تباهه ڪيو ويو آهي، ٻارن جي فيس وڌائي وئي آهي ۽ ڪتاب مهانگا ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم سان گڏوگڏ صحت جي ادارن کي به تباهه ڪيو ويو آهي، سرڪاري اسپتالن کي اين جي اوز جي حوالي ڪيو آهي، هاڻي اسڪول به اين جي اوز جي حوالي ڪيا پيا وڃن، سنڌ جي تعليم تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حيدرآباد کي پ پ پنهنجي ماڻهن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، حيدرآباد جا ماڻهو گٽر جو پاڻي پي رهيا آهن.