October 26, 2021

وزيراعظم سڀاڻي ڪراچي پهچي ڪي سي آر منصوبي جو افتتاح ڪندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڪراچي پهچندو.

وزيراعظم ڪراچي جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران ڪراچي سرڪلر ريلوي جي پيڙهه جو پٿر رکندو، گڏوگڏ هو پارٽي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.

دوري دوران وزيراعظم کي سنڌ ۾ پارٽي معاملن ۽ ترقياتي ڪمن تي بريفنگ به ڏني ويندي.

هوڏانهن ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان ڪراچي ڪوسٽل ڊولپمينٽ زون جي سي پيڪ ۾ شموليت تي وفاقي وزير علي زيدي کي شاباش ڏني.

هن چيو ته ڪراچي ڪوسٽل ڊولپمينٽ زون هڪ گيم چينجر منصوبو آهي، ان سان سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا، مهاڻن لاءِ سمنڊ ڪنارو صاف ٿيندو ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جا 20 هزار نوان گهر ٺهندا.