وفاقي حڪومت پاڻ ڪراچي ۾ ڪو منصوبو نه آندو، ن ليگ جا ٿورا مڃي: محمد زبير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاڻ ڪو به منصوبو نه ٺاهي سگھي پر پنجاب جيان ڪراچي ۾ به اسان جي منصوبن تي تختيون هڻي رهي آهي.
محمد زبير مسلم ليگ ن ڪراچي هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ روز لاش ملندا هئا، ن ليگ جي ڪري ئي ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو، اسان ئي وڏا وڏا منصوبا شروع ڪيا.
هن چيو ته ڪراچي اڪيلو شهر هو، جتي اسان جي حڪومت وفاقي فنڊن مان بجلي، پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ جا منصوبا مڪمل ڪيا، اسان ڪراچي گرين لائن بس تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري چڪا هئاسين.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت 3 سالن ۾ رڳو 40 بسون هلايون، وفاقي حڪومت پنجاب جيان ڪراچي ۾ به اسان جي منصوبن تي پنهنجون تختيون لڳائي رهي آهي، انهن کي ن ليگ جا ٿورا مڃڻ گهرجن.
محمد زبير موجب ڪي سي آر سي پيڪ ۾ شامل هو، عمران خان ڪي سي آر منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ اچي رهيو آهي، جڏهن ته شيخ رشيد ان منصوبي جو افتتاح به ڪري چڪو آهي.