October 4, 2023

ڪراچي: مهراڻ ٽائون فيڪٽري سانحي کانپوءِ وڏو ايڪشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري کي باهه واري واقعي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) مهراڻ ٽائون ۾ 1401 رهائشي ۽ ڪمرشل پلاٽ رد ڪري ڇڏيا.

ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري کي باهه لڳڻ جي واقعي کانپوءِ ڄاڻايل فيڪٽري غير قانوني طور گهر لاءِ ورتل پلاٽ تي قائم هجڻ جي انڪشاف کانپوءِ ڪي ڊي اي غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو.

ڪي ڊي اي مهراڻ ٽائون ۾ 1401 رهائشي ۽ ڪمرشل پلاٽ رد ڪري ڇڏيا ۽ الاٽيز کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪي ڊي اي انتظاميا موجب مهراڻ ٽائون ۾ ڪجهه عرصو اڳ هڪ فيڪٽري کي باهه لڳي، اها فيڪٽري رهائشي پلاٽ تي اڏيل هئي، جنهن بعد ٻين پلاٽن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي ته ان ۾ 1401 پلاٽن، جيڪي پلاٽ 240 گز جا آهن، انهن تي هن وقت فيڪٽريون يا ويئر هائوس ٺاهي ڪمرشل طور استعمال ڪيو پيو وڃي.

ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر لينڊ موجب ڄاڻايل پلاٽن جي ليز اخبارن ۾ اشتهار ذريعي رد ڪئي وئي آهي ۽ انهن سڀني الاٽيز کي ليٽر جاري ڪيا ويا آهن ته هو پلاٽن جي رڪارڊ سيمت ڊائريڪٽر لينڊ آڏو پيش ٿين، جيڪڏهن انهن پلاٽن جي حوالي سان صفائي پيش نه ڪئي ته پلاٽن تي اڏيل فيڪٽريون ۽ ويئر هائوس ڊاهي پٽ ڪيا ويندا.

Follow by Email
YouTube
YouTube