November 28, 2021

آئس لينڊ جي پارليامينٽ ۾ عورتن جي اڪثريت ناهي: اليڪشن ڪميشن

ريڪجاوڪ (ويب ڊيسڪ) آئس لينڊ جي نئين پارليامينٽ ۾ عورتن جي اڪثريت ناهي.

اهڙي ڳالهه ملڪي اليڪشن ڪميشن طرفان ڇنڇر ڏينهن ٿيندڙ چونڊن ۾ وڌل ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ سان سامهون آئي.

ان کان اڳ ڪميشن طرفان ٻڌايو ويو هو ته پارليامينٽ ۾ چونڊيل عورتن جو انگ مردن کان وڌيڪ آهي، جنهن کانپوءِ اهو چيو ويو ته آئس لينڊ پارليامينٽ ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون رکندڙ يورپ جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي.

ٻيهر ڳڻپ ۾ اهڙيون 3 عورتون پنهنجي سيٽن کان محروم ٿي ويون، جن کي اڳ ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو هو.

تازن نتيجن موجب پارليامينٽ جي ڪُل 63 سيٽن مان 30 تي عورتون ڪامياب ٿيون آهن.