November 28, 2021

”آصف زرداري ۽ نواز شريف چند ارب ڊالرن خاطر ملڪي وقار جو سودو ڪيو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته پاڪستاني سياستدانن جي آمريڪا کي خوش ڪرڻ جي پاليسي اسان جي مفادن کي نقصان پهچايو، آصف زرداري ۽ نواز شريف ڪجهه ارب ڊالرن خاطر ملڪي وقار جو سودو ڪيو.

پنهنجي بيان ۾ فياض الحسن چوهاڻ چيو ته وزيراعظم جو واشنگٽن پوسٽ ۾ آرٽيڪل دير سان پر درست آهي، پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي ڪنهن پاڪستاني حڪمران ايڏو سخت موقف بيان نه ڪيو، سڄي دنيا افغان مسئلي تي عمران خان جي موقف کي مڃيو.

هن چيو ته پاڪستان هزارين جانيون قربان ڪيون ۽ وڏو معاشي نقصان به برداشت ڪيو، اڄ دنيا طالبان حڪومت سان پرامن لاڳاپن تي غور ڪري رهي آهي، وزيراعظم جو فارمولو اڄ پائيدار امن جو سبب بڻجي رهيو آهي.

سندس موجب وزيراعظم عمران خان دنيا کي دوحا امن معاهدي سان گڏ هلڻ جو چيو، دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر افغانين کي اڪيلو نٿي ڇڏي سگهي.