January 18, 2022

امامن جو چاليهو: سنڌ ۾ تعليمي ادارا بند رهندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي سنڌ ۾ تعليمي ادارا به بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي تعليم کاتي طرفان تعليمي ادارن ۾ موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب 28 سيپٽمبر تي امامن جي چاليهي جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ تعليمي ادارا بند رهندا.

تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن تي لاڳو ٿيندو.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت طرفان سڀاڻي صوبي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب امامن جي چاليهي جي موقعي تي 20 صفر تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري ۽ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي، اها پابندي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ ۽ امن امان جي فضا قائم رکڻ لاءِ لڳائي وئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube