November 28, 2021

حددخليون هٽائڻ جو حڪم عدالت ڏنو، وڏو وزير ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرجاڻي ٽائون ۾ پلاٽ تي قبضي بابت توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدالت حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو، وڏو وزير ڪيئن انڪار ڪري سگهي ٿو، ڇا وڏو وزير قانون کان مٿانهون آهي؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سرجاڻي ٽائون ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف توهين عدالت ڪيس تي ٻڌڻي دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي وڪيل طرفان حددخليون هٽائڻ کان انڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

وڪيل چيو ته حددخليون نٿيون هٽائي سگهجن، وڏي وزير ڪچيون آباديون ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته وڏي وزير کي گهرائي ٿا وٺون، وڏو وزير ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگهي؟ ڇا وڏو وزير قانون کان مٿانهون آهي؟

سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ايس بي سي اي جو وڪيل حقيقتن جي اُبتڙ بيان ڏنو آهي، حددخليون هٽائي درخواستگذار کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن.

عدالت طرفان ايس بي سي اي جي وڪيل کي ڇنڊ پٽڻ کانپوءِ اڳتي بيان ڏيڻ دوران احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.