October 26, 2021

حمزا شهباز سٺو انسان آهي پر اسان جي سوچ مختلف ٿي سگهي ٿي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حمزا شهباز تمام سٺو انسان آهي پر اسان جي سوچ، راءِ ۽ طريقي ڪار مختلف ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اسان سڀ متفق آهيون ته اسان جي گهر ۽ جماعت جو سربراهه رڳو نواز شريف آهي.

ماڊل ٽائون لاهور ۾ پارٽي ميٽنگ سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ اليڪشن ۾ ڊڪٽيٽر شپ جي دور کان وڌيڪ بُرا حربا استعمال ٿيا پر سمورن حربن باوجود اسان کي وڏي ڪاميابي ملي، ڪشمير چونڊن ۾ به اسان کي ٽي وي تي هارايو ويو، حڪمران جماعت 6 لک ۽ اسان 5 ووٽ ووٽ کنيا، مخالف چونڊون کٽڻ کانپوءِ مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهيا، انهن کي اها فتح به پنهنجي شڪست لڳي.

هن چيو ته انهن جي هڪ پيج تي هجڻ باوجود هڪ ئي واعدو پورو ٿيو ته مان قوم کي روئاريندس، اهڙي حڪومت ٺاهي وئي آهي، جيڪا قوم سان گڏ ناهي، ميڊيا کي بند ڪيو ويندو آهي ۽ مخالفن کي دٻايو ويندو آهي، نواز شريف رڳو ڪجهه ماڻهن تي تنقيد ڪئي، اداري تي نه، اها تنقيد ڪنهن ذاتي مفاد يا ڪاوڙ جي ڪري نه پر نظريي سبب آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شهباز شريف لاءِ دعاڳو آهيان، هو تمام سٺو انسان آهي پر اسان جي سوچ، راءِ ۽ طريقي ڪار مختلف ٿي سگهي ٿو، اسان سڀ متفق آهيون ته اسان جي گهر ۽ جماعت جو سربراهه رڳو نواز شريف آهي، مان دل سان شهباز شريف جي خدمتن جي تعريف ڪري رهي آهيان، جيڪڏهن شهباز شريف جي حڪومت هجي ها ته دوائون گهرن ۾ ملن ها.