October 26, 2021

سنڌ ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي هڻي ڇڏي.

سنڌ حڪومت طرفان ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي صوبي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب امامن جي چاليهي جي موقعي تي 20 صفر تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري ۽ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي، اها پابندي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ ۽ امن امان جي فضا قائم رکڻ لاءِ لڳائي وئي آهي.

ٻيلهه سواري تي پابندي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد سميت ٻين شهرن ۾ لاڳو ڪئي وئي آهي، اها پابندي پوليس ۽ رينجرز جي درخواست تي لڳائي وئي آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي نه هوندي، جڏهن ته صحافي، بزرگ، ٻار ۽ عورتون به پابندي کان آجيون هونديون.