October 26, 2021

مڙس روز نه وهنجڻ تي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي

شادي شده جوڙن ۾ طلاق جون خبرون ته عام آهن ۽ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري زال ۽ مڙس ۾ عليحدگيءَ جون خبرون سامهون اينديون رهنديون آهن پر ڀارت ۾ هڪ شخص نه وهنجڻ تي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي.

ڀارتي رياست اتر پرديش جي علائقي علي ڳڙهه ۾ مڙس گهرواري جو رڳو ان ڪري طلاق ڏئي ڇڏي، ڇو ته هوءَ روز نه وهنجندي هئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عورت طرفان علي ڳڙهه جي وومين پروٽيڪشن سيل ۾ شڪايت داخل ڪرائي وئي.

ان ڏس ۾ پروٽيڪشن سيل جي هڪ عهديدار جو چوڻ هو ته اسان کي تازو هڪ شڪايت وصول ٿي آهي، جنهن ۾ عورت لکيو آهي ته مڙس روز نه وهنجڻ تي کيس هڪ ئي وقت ٽي طلاقون ڏئي ڇڏيون آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب امان نالي شخص ٻه سال اڳ شادي ڪئي هئي، جڏهن ته ٻنهي کي هڪ ٻار به آهي.

پروٽيڪشن سيل موجب اسان رشتو بچائڻ لاءِ ڌرين سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته عورت طلاق باوجود رشتو خوشي سان نڀائڻ جي خواهشمند آهي.

عهديدار ٻڌايو ته عورت جي اهڙي درخواست تي جڏهن مڙس سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو مان پنهنجي گهرواري کي طلاق ڏيڻ چاهيان ٿو، ڇو ته هوءَ روز ناهي وهنجندي، جڏهن ته کيس وهنجڻ جو چوان ته هوءَ جهيڙو شروع ڪري ڇڏيندي آهي.