October 26, 2021

پاڪستان سان سهڪار جاري رکنداسين: آءِ ايم ايف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف ڪنٽري هيڊ چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت ڪورونا جي روڪٿام لاءِ هاڪاري قدم کنيا آهن، آءِ ايم ايف پاڪستان سان سهڪار جاري رکندو.

ناڻي واري وزير شوڪت ترين سان پاڪستان ۾ نامزد آءِ ايم ايف جي ڪنٽري هيڊ ايستر پيريز ريوز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري نمائندي به موجود هئي.

ملاقات ۾ شوڪت ترين نامزد نمائندي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پائيدار معاشي اوسر ۽ غريب طبقي جي بهتري لاءِ حڪومت قدم کنيا، حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام بابت پرعزم آهي.

ان کان اڳ عهدو ڇڏيندڙ آءِ ايم ايف نمائندي وفاقي وزير خسرو بختيار سان به الوداعي ملاقات ڪئي.