November 28, 2021

ايراني حدن مان دهشتگردن جي فائرنگ هڪ اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي بارڊر تي دهشتگردن ايراني حدن ۾ کان فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي چوڪي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب بلوچستان جي علائقي چوڪب ۾ دهشتگردن ايف سي جي چوڪي کي ننڍي هٿيارن سان نشانو بڻايو آهي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جو سپاهي مقبول شاهه شهيد ٿي ويو جڏهن ته هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.

آءِ ايس پي آر جي موجب ايراني اختيارين کي واقعي بابت آگاهه ڪيو آهي.