October 26, 2021

سنڌ ۾ ڪورونا جي صورتحال تي وڏي وزير جو بيان

1 min read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 18 مريض فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 7379 ٿي ويو .

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان جاري ڪيل بيان موجب سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 18 مريض فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 7379 ٿي ويو جڏهن ته سنڌ ۾ فوتگين جي شرح 1.6 سيڪڙو رهي.

وڏي وزير موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 14781 ٽيسٽون ڪيون ويون جهن مان 554 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو.

سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.7 سيڪڙو آهي.

هن چيو ته هن وقت تائين صوبي ۾ 5995665 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 456108 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 24 ڪلاڪن دوران صحتياب ٿيلن جو انگ 1314 آهي.

سندس چوڻ هو ته ون وقت 21122 مريض علاج هيٺ آهن ۽ انهن مان 20634 گھرن ۾، 35 آئسوليشن مرڪزن ۾ ۽ 453 مختلف اسپتالن ۾ آئسولِيٽ آهن.

سنڌ جي وڏي وزير موجب 414 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن مان 39 کي وينٽيليٽرن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

بيان موجب 554 نون ڪيسن مان 193 جو واسطو ڪراچي سان آهي ان کان سواءِ حيدرآباد ۾ 141، شڪارپور ۾ 26، ٿرپارڪر ۾ 23، ڄامشوري ۽ سکر ۾ 17-17، بدين ۾ 16، سانگهڙ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 14-14، ٺٽي ۾ 13، نوشهري فيروز ۽ عمر ڪوٽ ۾ 13-13، ٽنڊي الهيار ۾ 11، گھوٽڪي ۽ جيڪب آباد ۾ 10-10، ميرپور خاص ۾ 8، ڪشمور ۾ 3، ۽ دادو ۾ 1 ڪيس رپور ٽ ٿيو آهي.