November 28, 2021

سچن ٽنڊولڪر جو انضمام الحق لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ليجنڊري ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

انضمام الحق کي دل جي عارضي سبب اسپتال داخل ڪيو ويو هو ۽ طبعيت ۾ بهتريءَ کانپوءِ کيس گهر منتقل ڪيو ويو آهي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جي ناساز طبعيت جو ٻڌي اڳوڻي ليجنڊري سچن ٽنڊولڪر ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مان انضمام الحق جي صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيان.

ماسٽر بلاسٽر چيو ته انضمام الحق! توهان فيلڊ ۾ سدائين خاموش پر هڪ ويڙهاڪو رهيا آهيو، مون کي اميد آهي ۽ منهنجي دعا به آهي ته توهان ان صورتحال مان جلد نڪري ويندئو.