October 26, 2021

لتا منگيشڪر جو 20 سال اڳ رڪارڊ ڪيل گيت رليز

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سُريلي آواز جي مالڪ ۽ گيتن ۾ پنهنجو جادو جاڳائيندڙ ڀارتي گلوڪارا لتا منگيشڪر جو 90 جي ڏهاڪي ۾ رڪارڊ ڪيل گيت رليز ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب فلمساز وشال بهاردواج گلوڪارا جي 92 هين سالگرهه جي موقعي تي 20 سال اڳ رڪارڊ ڪيل گيت ”ٺيڪ نهين لگتا“ رليز ڪيو آهي جيڪو ان کان اڳ ڪڏهن به رليز نه ٿيو هو.

ميڊيا رپورٽن موجب لتا منگيشڪر جي آواز ۾ اهو گيت ٻه ڏهاڪا اڳ هڪ فلم لاءِ رڪارڊ ڪيو ويو هو  ۽ ان جي شاعري گلزار لکي هئي، جنهن کان پوءِ ان گيت کي فلم ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.

وشال بهاردواج گيت جي حوالي سان ٻڌايو ته پراڻي دور ۾ ڪيسيٽون هونديون هيون، اهو گيت ڪٿي گم ٿي ويو هو. ڏهه ٻارنهن سال اڳ ان گيت جي ڳولا شروع ڪئي هئي، 3 سال اڳ اسٽوڊيو مان ڪال آئي جنهن ۾ خبر پئي ته گيت جي اورجنل ٽيپ ملي وئي آهي.