October 26, 2021

ٻن ڏينهن جي اندر ويڪسين لڳرايو يا پابندين جو شڪار ٿي وڃو!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ويڪسين نه لڳرائيندڙ شهرين کي پابندين جي حوالي سان خبردار ڪري ڇڏيو.

اين سي او سي طرفان ويڪسين لڳرائڻ لاءِ 30 سيپٽمبر جي ڊيڊ لائن ڏني وئي هئي، ان حوالي سان اداري جو چوڻ آهي ته ويڪسين نه لڳرائيندڙن تي پابنديون لاڳو ٿي وينديون.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب تعليمي ادارن جي اسٽاف، اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ سفر لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته ريسٽورنٽ وڃڻ لاءِ به ويڪسين لازمي هوندي.

اين سي او سي چيو آهي ته شاپنگ مالز، شادي هالز ۾ داخلا ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ به 30 سيپٽمبر تائين ويڪسين لڳرائڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ شهري انهن سهولتن کان محروم ٿي ويندا.