May 22, 2022

ڪابل يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي داخلا تي پابندي بابت خبرن جي ترديد

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان حڪومت ڪابل يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي داخلا تي پابندي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي افغانستان جي نشريات وزارت جي اختيارين ۽ ڪابل يونيورسٽِي انتظاميا يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي داخلا تي پابندي بابت خبرن جي ترديد ڪئي.

ڪابل يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي داخل بابت خبر آمريڪا عالمي نشرياتي اداري شايع ڪئي هئي.

ڪابل يونيورسٽي انتطاميا پاڪستان جي خانگي ٽِي وي چينل کي ٻڌايو ته شاگردياڻيون معمول موجب اچي رهيون آهن ۽ يونيورسٽي جي عورت ٽيچرز به معمول موجب اچي رهيون آهن.

ڪابل يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ هو ته عالمي نشرياتي اداري جعلي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان خبر ٺاهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube