گرفتار جوابدار تي پوليس گيري جو اثر نه ٿيو، پيشي دوران به داداگيري ڪرڻ لڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جيل جي هوا کائڻ کانپوءِ به تشدد ۽ هراساني جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي مڳي نه لٿي، عدالت ۾ پيشي وقت به اوباشي ۽ داداگيري ڪندو رهيو.
عدالت ۾ پيشي جي لاءِ ايندڙ جوابدار عثمان مرزا جو پيشي وقت به مزاج اوباشن جهڙو ئي رهيو.
جوابدار جيئن ئي عدالت پهتو ۽ ميڊيا وارن کي ڏٺو ته چوڻ لڳو ”مرشد آيو هو، سڀني کي ٻڌائجو مرشد آيو هو“.
واضح رهي ته اسلام آباد جي عدالت ۾ شهر جي علائقي اي ون ۾ هڪ جوڙي کي هراسان ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ڪيس ۾ مک جوابدار عثمان مرزا سميت 7 جوابدارن تي فرم جرم لاڳو ڪيو ويو جڏهن ته گواهن کي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرايو ويو.
عدالت سڀني جوابدارن کي چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي وڪالت نامو گڏ آڻڻ جي به هدايت ڪئي.
ان سان گڏ عدالت بيان قلمبند ڪرڻ جي لاءِ گواهن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.