November 28, 2021

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ تي معافي گهري ورتي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ تي معذرت ڪندي ايندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو.

برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين اين واٽ مور ڪرڪيٽ فينز سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سيڪيورٽي معاملن تي تفصيلي ڳالهه نه ڪندس پر اسان اهو فيصلو رانديگرن جي سيڪيورٽي ۽ ڀلائي کي ڏسندي ڪيو.

هن چيو ته پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ هڪ ڏکيو فيصلو هو، ڪرڪيٽرن کان به ان سلسلي ۾ راءِ نه ورتي وئي، اسان کي هاڻ نئين سر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان لاڳاپا بهتر بڻائڻا آهن ۽ اسان جو فوڪس ايندڙ سال دوري تي هوندو.

هوڏانهن انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي معذرت ۽ پاڪستان جي دوري بابت بيان تي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اها اسان جي موقف جي وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ خلاف هڪ ٻي سازش ناڪام ٿي وئي.