October 26, 2021

حڪومت ٽن سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو، کين رڳو ذلت نصيب ٿي: حمزا شهباز

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ نون جي نائب صدر حمزه شهباز چيو آهي ته اسان جي لاءِ اهڙا اهڙا لقب استعمال ڪيا ويا جن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، اسان انهن ڳالهين کي ڪيترو به وسارڻ چاهيون ته به وساري نٿا سگهون.

لاهور ۾ پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي حمزا شهباز چيو آهي ته حڪومت اسان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قيد به ڪيو پر اهي پوءِ به پارٽي سان گڏ بيٺل آهن، منهنجي چاچي جي آخري وقت ۾ منهنجو چاچو ساڻس گڏ نه هو.

حمزا شهباز چيو ته جسٽس شائق عثماني ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ٽن سالن کان شريف خاندان کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ٽن سالن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ڪجهه به ثابت نه ڪري سگهي آهي.

نون ليگ اڳواڻ چيو ته هن حڪومت جي جهولي ۾ رڳو ذلت کانسواءِ ٻيو آهي به ڇا، پي ٽي آءِ ٽن سالن ۾ رڳو ڪرپشن جي بيان بازي کي اڳتي وڌايو.

سندس چوڻ هو ته اهي اڄ سوچيندا هوندا ته ڪو ڪم به نه ڪري سگهياسين، ماڻهن جو بددعائون به مليون ۽ شريف فيملي کي ڪرپٽ به ثابت نه ڪري سگهياسين.