August 13, 2022

”سعودي سان رشتو ڪلمي جي بنياد تي آهي، هر ڀيري اميدن کان مٿي مدد ٿي“

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته سعودي عرب سان اسان جي رشتي جو بنياد ڪلما طيبا آهي.

هن چيو ته پاڪستان تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو آهي ته سعودي عرب اميدن کان مٿي اسان جو ساٿ ڏنو آهي.

لاهور ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات دوران پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته پنجاب اسيمبلي اسڪولن ۾ڇهين درجي تائين ناظرا جڏهن ته ڇهين کان ڏهين درجي تائين ترجمي سان گڏ قرآن شريف جي تعليم لازمي قرار ڏني آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube