October 26, 2021

طالبان ڊرون حملا ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان افغانستان تي ڊرون حملن جي حوالي سان خبردار ڪندي چيو آهي ته افغانستان تي ڊرون حملا ڪندڙ ذميوار پاڻ هوندا.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ٽوئيٽر تي آمريڪا سميت ٻين ملڪن کي خبردار ڪيو ته عالمي حقن ۽ قانونن جو احترام ڪندي افغانستان تي ڊرون حملا بند ڪيو.

هن چيو ته ڊرون حملا بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ حالتن جي ذميواري ڀڃڪڙي ڪندڙ ملڪن تي لاڳو هوندي، اهي ذميوار پاڻ هوندا.