October 26, 2021

هٿياربندن جي فائرنگ زيادتي جو جوابدار مارجي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي وهاڙي جي چڪ 131ڊبليو بي ۾ پوليس موبائل تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته ان جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس چيو آهي ته جوابدار کي طبي معائني کانپوءِ واپس نيو پيو ويو کيس ٻه ڏينهن اڳ ٻارڙي سان زيادتي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.