October 26, 2021

پ پ جا وزير روڊن تي نڪري ڊرامي بازي ڪندا آهن: خرم شير زمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر خرم شير زمان چيو آهي ته صوبائي وزير برساتن دوران روڊن تي نڪري ڊرامي بازي ڪندا آهن.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ خرم شير زمان چيو ته برساتن جو الرٽ جاري ٿيڻ باوجود نالن جي صفائي ناهي ڪرائي وئي، برساتن دوران پاڻي گڏ ٿيڻ جو سبب نالن جي صفائي نه ٿيڻ آهي، پ پ ڪراچي ۾ ننڍن نالن جي صفائي نه پئي ڪرائي.

هن چيو ته وفاق محمود آباد، گجر ۽ اورنگي نالا صاف ڪرايا، وفاقي حڪومت واعدي موجب وڏا نالا به صاف ڪرايا، ننڍا نالا صاف نه هجڻ سبب پاڻي وڏن نالن تائين ناهي پهچي سگهندو.

سندس چوڻ هو ته نالن جي صفائي ڪي ايم سي جي ذميواري آهي پر ان تي نه ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ۽ نه مڪاني ادارن جي وزير جو ڌيان آهي، صوبائي وزير برساتن ۾ روڊن تي نڪري ڊرامي بازي ڪندا آهن، انهن کي نالن جي صفائي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.