November 28, 2021

ڀارت ۾ برسات تباهيون مچائي ڇڏيون، 13 ماڻهو فوت

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست مهاراسٽر ۾ طوفان گلاب جي ڪري برساتن جو سلسلو جاري آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب مهاراشٽر ۾ ٻن ڏينهن دوران برسات، ٻوڏ ۽ آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن ۾ 13 ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته پاڻي ۾ ڦاٿل 500 کان مٿي ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ڀارتي موسميات کاتي ممبئي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ شديد برسات جا الرٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

انکانسواءِ اتر اوڀر رياست اولهه بنگال جي ڪجهه علائقن ۾ به طوفان گلاب جي اثر هيٺ برساتون پيون آهن.