November 28, 2021

کِل جو بادشاهه سِڌو ارچنا جي روزي بند ڪرڻ جو سبب بڻبو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ ڪپل شرما شو جي مستقل مهمان ارچنا سنگهه پنهنجي ڪرسي ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

مختلف چينلن تي نشر ٿيندڙ ڪپل شرما جي ناليواري ڪاميڊي شوز ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سِڌو مستقل مهمان طور نظر ايندو رهيو آهي.

سياسي مصروفيتن ۾ واڌ جي ڪري سِڌو شو کان علحدگي اختيار ڪئي هئي جڏهن ته ان جي جاءِ تي اداڪارا ارچنا پورن سنگهه کي مستقل مهمان بڻايو ويو هو.

تنهن باوجود هاڻي سِڌو طرفان پارٽي جو اهم عهدو ڇڏڻ تي سوشل ميڊيا تي اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته سڌو شو ۾ واپس اچڻ وارو آهي.

جنهن تي ارچنا بيان ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هن شو ۾ سڌو واپس اچي ٿو ته هوءَ اهو شو ڇڏي ڏيندي.

هن چيو ته جيڪڏهن سِڌو واقعي ان شو ۾ واپس اچي ٿو ته مان هلي ويندس مون وٽ ڪرڻ لاءِ کوڙ شيون آهن جيڪي هن شو جي ڪري مان رد ڪري ڇڏيون هيون.

هن چيو ته هفتي ۾ ٻه ڀيرا هن شو جي شوٽنگ ڪندي آهيان جيڪو ڪڏهن وري ممبئي کان ٻاهر هوندو آهي.

سندس چوڻ هو ته مونکي لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ شوٽ ڪرڻ جون آڇون ٿيون، تنهن هوندي هن شو جي ڪري پنهنجي واعدن جي باوجود انهن سمورين آڇن کي رد ڪري ڇڏيو.