November 28, 2021

ڪراچي ۾ برساتون، ايم ڊي واٽر بورڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ برساتن جي امڪان کي ڏسندي ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ آفيسرن ۽ عملي کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته موسميات کاتي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي ته ٻه آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ چوماسي جون هوائون اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين سميت ٻين شهرن ۾ مينهن وسندو.

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته طوفاني برساتون ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، گڏوگڏ بدين، ٺٽي، حيدرآباد ۽ دادو سميت لسٻيلي، سومياڻي، اورماڙا، پسني، گودار، تربت ۽ جيواڻي ۾ به طوفاني برساتن سبب اربن فلڊنگ جو خطرو آهي.

ان سلسلي ۾ ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسد الله خان پاران آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته برساتن کان اڳ ھنگامي بنيادن تي شھر جي مختلف علائقن ۽ اھم شاھراھن تي ڊي واٽرنگ پمپس، جيٽنگ ۽ سيڪشن مشينون پھچايون وڃن.

ايم ڊي واٽر بورڊ طرفا سمورن آفيسرن ۽ عملي کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته اهي مڪمل طور الرٽ رھن، اسان کي خراب حالتن لاءِ اڳواٽ تيار رهڻ گھرجي ۽ بھتري جي اميد رکڻ گھرجي.