May 22, 2022

ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ جاري نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي حوالي سان شوقينن لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي.

ڪورونا وائرس جي صورتحال تي اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس دوران راولپنڊي ۾ جاري نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ تماشائين جي شرڪت جي حوالي سان غور ڪيو ويو ۽ اين سي او سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي تماشائين جو انگ ٻيڻو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هاڻ 50 سيڪڙو تماشائي اسٽيڊيم ۾ شرڪت ڪري سگهندا.

18 ورهين کان گهٽ عمر جي ماڻهن کي اسٽيڊيم ۾ داخلا جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته 18 ورهين کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو اسٽيڊيم ۾ داخلا لاءِ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ضرور کڻي ويندا.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته 50 سيڪڙو تماشائين جي داخلا جي اجازت پهرين آڪٽوبر کان ڏني وئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube