January 18, 2022

حڪومت عوام تي وري پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول 4 روپيا مهانگو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽرول شين جي اگھن ۾ وري واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.

واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 127 روپيا 30 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 122 روپيا چار پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

ان کانسواءِ گاسليٽ جي قيمت ۾ 7 روپيا ٻه پئسا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 99 روپيا 31 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيا 82 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 99 روپيا 51 پئسا ٿي وئي آهي.

گذريل ڏينهن اوگرا پيٽرول شين جي اگھن ۾ سوا پنج روپين تائين واڌ جي سمري حڪومت کي موڪلي هئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube