October 26, 2021

روس سان گڏجي 2 ايٽمي بجلي گهر تعمير ڪرڻ جي تجويز

انقرا(ويب ڊيسڪ)ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ روسي صدر پيوٽن جي وچ ۾ جنگي جهازن ۽ آبدوزن تي سهڪار بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

ترڪ صدر چيو آهي ته روس سان گڏجي جنگي جهاز ۽ آبدوزن سميت وڌيڪ گڏيل دفاعي صنعت جي قدمن تي غور ڪري رهيا آهيون.

اردوان روس مان ترڪي واپسي تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته روس سان گڏجي ٻه وڌيڪ ايٽمي بجلي گهرن جي تعمير تي ڪم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي جڏهن ته صدر پيوٽن خلائي راڪيٽ لانچ ڪرڻ جي لاءِ پليٽ فارم تيار ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

صدر اردوان روسي دفاعي نظام ايس 400 جي خريداري جو ذڪر نه ڪيو پر چيو ته ترڪي ان حوالي سان پوئتي نه هٽندو.

هن چيو ته ايندڙ مهيني سندس آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات متوقع آهي، فوجي سياسي ۽ معاشي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.