October 26, 2021

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي گڏيل صورتحال بابت وڏي وزير جو بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس صورتحال بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 16243 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون. جن مان 756 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي. جڏهن ته گذريل 24ڪلاڪن ۾ 7 فوتگيون ٿيون. اهڙيءَ طرح صوبي ۾ فوتگين جو گڏيل انگ 7414 ٿي ويو.

هن چيو ته اڄ وڌيڪ 216 مريض صحتياب ٿيا آهن. اهڙيءَ طرح صوبي ۾ صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 428877 ٿي چڪو آهي. هن وقت تائين گڏيل طور تي 6039772 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. ۽ هن وقت تائين 457862 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

وڏي وزير موجب هن وقت 21571 مريض علاج هيٺ آهن. جن مان 21119 گھرن ۾، 31 آئسوليٽ سيٽرن ۾ ۽ 421 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. جڏهن ته 389 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ 33 مريض وينٽيليٽرن تي آهن.

مراد علي شاهه موجب صوبي جي 756 نون ڪيسن مان 161 جو واسطو ڪراچي، 115 جو حيدرآباد، 51 جو شهيد بينظير آباد، 51 جو  سجاول، 47 جو نوشهروفيروز، 37 جو مٽياري، 31 جو بدين، 31 جو سانگهڙ، 30 جو  ڄامشوري، 28 جو ٺٽي، 27 جو ٿرپارڪر، 21 جو ٽنڊوالهيار، 20 جو ميرپورخاص، 17 جو عمر ڪوٽ، 16 جو گھوٽڪي، 16 جو سکر، 16 جو ٽنڊو محمد خان، 13 جو جيڪب آباد، 12 جو  دادو، 9 جو  لاڙڪاڻي، 2 جو خيرپور ۽ 1 جو شڪارپور سان آهي.