November 28, 2021

ڀارتي ميڊيا جو چين تي وڏي حملي جو الزام

ممبئي(ويب ڊيسڪ) چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول (ايل اي سي) تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ جا واقعا ٿي رهيا آهن.

ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ لداخ واقعي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي رياست اتراکنڊ جي جاءِ تي سرحدي ڪشيدگي جو واقعو پيش آيو آهي.

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته 30 آگسٽ تي 100 چيني فوجي اهلڪار ۽ 55 گهوڙا ڀارتي حدن ۾ داخل ٿيا.

رپورٽن ۾ چيو ويو ته چيني فوجي اتراکنڊ جي علائقي براهوتي ۾ 5 ڪلوميٽر اندر داخل ٿيا ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گشت ڪندا رهيا.

ڀارتي ميڊيا موجب چيني فوجين واپس ويندي هڪ پُل کي به تباهه ڪيو جڏهن ته انکانسواءِ به ڀڃ ڊاهه ڪئي.

واقعي جي حوالي سان ڀارت ۽ چين جو ڪو به موقف ناهي آيو جڏهن ته ڀارتي حڪومت کي اپوزيشن طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

خيال رهي ته گذريل سال چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪراري سرحدي علائقي لداخ ۾ چيني فوج جي جهڙپن ۾ ڀارتي فوج جي ڪرنل سميت 20 فوجي مارجي ويا هئا.