October 26, 2021

ڪينٽونمينٽ چونڊون: ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ڪينٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ جنرل سيٽن تي ڪاميابي ماڻيندڙ سڀني اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا.

گذريل ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪينٽونمينٽ بورڊ جون چونڊون ٿيون هيون جنهن کانپوءِ انهن چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.

ٻئي پاسي ڪينٽونمينت بورڊز جي مخصوص سيٽن تي چونڊن جو شيڊول به جاري ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ مخصوص سيٽن لاءِ پولنگ 26 آڪٽوبر تي ٿيندي، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 5 ۽ 6 آڪٽوبر تي جمع ڪرائي سگهجن ٿا.

اي سي پي جو چوڻ آهي ته عورتن، نوجوانن، هارين ۽ اقليتن جي سيٽن تي چونڊن جي لاءِ ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.