October 26, 2021

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جو حملو، 5 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي سپن وام ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي دهشتگردن حملن ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته شهيد ٿيندڙن ۾ ايف سي جا 4 جوان ۽ هڪ ليويز سب انسپيڪٽر شامل آهي.

شهيدن ۾ 35 ورهين جي حوالدار زاهد جو واسطو چارسدا، 28 ورهين جي لانس نائيڪ ولي جو واسطو خيبر پختونخواهه، 28 ورهين جي لانس نائيڪ عبدالمجيد جو واسطو ڪرم ايجنسي، 38 ورهين جي سب انسپيڪٽر جاويد جو واسطو سپن وام سان آهي.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي ادارن طرفان علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرس آپريشن جاري آهي.