October 26, 2021

سامونڊي طوفان بابت موسميات کاتي جو 8 الرٽ جاري

1 min read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سامونڊي طورفان شاهين بابت اٺون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان ڪراچي کان 730 ڪلوميٽر پري نڪري ويو ۽ طوفان ڪراچي جي اولهه ۽ ڏکڻ-اولهه ۾ موجود آهي، طوفان اورماڙا کان 480 ۽ گوادر کان 250 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

موسميات کاتي موجب طوفان جي چوڌاري هوائن جي رفتار 115کان 126 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، سسٽم جي مرڪز ۾ سمنڊ اندر شديد ٻوڏ آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت سامونڊي طوفان اولهه ۽ اتر-اولهه طرف وڌندو، طوفان جو رخ ٻيهر تبديل ٿي اولهه ۾ مسقط اومان طرف ٿي ويندو.

موسميات کاتي موجب گوادر، ڪيج ۽ پنجگور ۾ 3 آڪٽوبر تائين گجگوڙ ۽ تيز هوا سان گڏ برسات جو امڪان آهي، سمنڊ ۾ ٻوڏ رهي سگھي ٿي تنهنڪري ماهيگير 3 آڪٽوبر تائين اونهي سمنڊ ۾ نه وڃن.