October 26, 2021

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل، موٽر سائيڪل هلائيندڙن تي وڏي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي وڏو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

سنڌ ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي عام آهي، جنهن سبب حادثا معمول بڻيل آهن ۽ اڪثر حادثا موٽر سائيڪلن وارن طرفان احتياط نه ڪرڻ سبب پيش ايندا آهن.

ڪجهه وقت اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سخت ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته ننڍي عمر ۾ ڊرائيورنگ ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن جو وڏو سبب بڻجي سامهون آئي آهي، ننڍي عمر جي نوجوانن جي موٽر سائيڪلن حادثن ۾ وڌندڙ فوتگين تي معاشري ۾ ڳڻتيءَ جي لهر ڇانيل آهي، لاڳاپيل اختياريون حادثن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻن.

ذريعن موجب عدالتي حڪمن جي روشني ۾ سنڌ حڪومت حادثن جي روڪٿام لاءِ وڏو قدم کڻندي موٽر سائيڪلن تي سائيڊ گلاس لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سائيڊ گلاس بنا موٽر سائيڪلون نه هلنديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا جي 5 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ٽريفڪ قانونن ۾ ترميم ڪئي ويندي، ان حوالي سان مسودو تيار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ٽريفڪ قانونن ۾ ترميم کانپوءِ ٽريفڪ پوليس ان تي عمل ڪرائيندي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ لڳندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ حڪومت طرفان هيلمٽ جي پابندي به لازمي قرار ڏني وئي هئي پر ان تي به ڪيترن ئي شهرين عمل نه ڪيو هو ۽ هاڻ به وڏي انگ ۾ عوام قانون جي پاسداري نه پيو ڪري.