October 26, 2021

سوناڪشي سنها، ڪپل شرما کي ٺونشو وهائي ڪڍيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها لائيو شو ۾ ميزبان ڪپل شرما کي ٺونشو وهائي ڪڍيو.

سوناڪشي سنها تازو ڪپل شرما شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ميزبان کي ٺونشو هڻڻ جي ويڊيو ڪپل شرما پاڻ شيئر ڪئي آهي.

ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سوناڪشي سنها پنهنجي نئين ميوزڪ ويڊيو جي مشهوري دوران جڏهن گيت ڳائي ٿي ته ڪپل شرما شرارت ڪندي اداڪارا جي پيءَ شتروگن سنها جو مزاحيا انداز ۾ ذڪر ڪري  ٿو، جنهن تي سوناڪشي کيس ٺونشو ٿي هڻي.

سوناڪشي طرفان ڪپل کي ٺونشو هڻڻ جي اها ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ مداح ان تي مختلف تبصرا پڻ ڪري رهيا آهن.