November 28, 2021

پاڪستاني حڪومت عراق، ايران ۽ شام ۾ مقدس هنڌن جي زيارت لاءِ به پاليسي ٺاهي ڇڏي

پشاور (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري چيو آهي ته حڪومت حج خرچ ڪڏهن ناهن وڌايا پر ٻيا خرچ وڌڻ سان حج جا خرچ وڌيا آهن.

پشاور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي نور الحق قادري چيو ته حج ۽ عمري ايڪٽ ۾ وڏيون ۽ هاڪاري تبديليون آڻي رهيا آهيون ۽ ملائيشيا حج ماڊل جيان حج فنڊ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته سعودي عرب کان پاڪستان لاءِ عمرو کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪورونا سبب سعودي عرب کي حج جي مد ۾ اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته گوادر ۽ ڪراچي کان سامونڊي جهاز ذريعي حاجين جي وڃڻ جو بندوست ڪري رهيا آهيون، سامونڊي جهاز ذريعي سفر حاجين لاءِ سستو هوندو.

نور الحق قادري موجب حڪومت شام، عراق ۽ ايران ۾ مقدس هنڌن جي زيارت لاءِ به پاليسي ٺاهي آهي ۽ زائرين کي سهولتون به ڏنيون وينديون، جڏهن ته نجف، ڪربلا، ڪوفي ۽ ٻين هنڌن تي حج جيان عملو مقرر هوندو.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته زائرين لاءِ بندر عباس تائين سامونڊي ڪروز جهاز هلائڻ تي به ڪم جاري آهي.