October 26, 2021

ڪو بواءِ فرينڊ ناهي: شاگردياڻي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ 15هين ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيو

رانچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست جهاڙکنڊ ۾ شاگردياڻي گهر ڀاتين جي مهڻن کان تنگ اچي 15هين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعي رياستي تخت گاهه رانچي ۾ پيش آيو، جتي ڪاليج جي شاگردياڻي هڪ عمارت جي 15هين ماڙ تان پٽو ڏئي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو.

پوليس موجب ناريءَ جي ٿيلهي مان ڪاليج ڪارڊ مليو، جنهن سان ان جي سڃاڻپ بنيتا ڪماري طور ٿي.

پوليس ٻڌايو ته ڇوڪريءَ جي ٿيلهي مان سوسائيڊ نوٽ به مليو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته ”منهنجي پڙهائي ۾ دل نه لڳندي هئي، جنهن سبب گهر وارا هر وقت مهڻا ڏيندا هئا، گهر وارن کي لڳندو هو ته منهنجو ڪو بواءِ فرينڊ آهي، اهي اڪثر چوندا هئا ته تون مَري وڃ“.

ڇوڪريءَ پنهنجي نوٽ ۾ گهڙي گهڙي اها ڳالهه ورجائي ته منهنجو ڪو بواءِ فرينڊ ناهي.

پوليس عمارت جي سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو ظاهري طور آپگهات لڳي رهيو آهي پر ان جي هر رُخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.