October 26, 2021

افغانستان ۾ هٿيارن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ هٿيارن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي هنئي وئي آهي.

افغان ميڊيا موجب بچاءَ واري وزارت طرفان سڄي ملڪ ۾ هٿيارن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لڳائي وئي آهي.

رپورٽ موجب بارودي مواد ۽ بنا ڪاغذن جي گاڏين جي خريد ۽ وڪري تي به پابندي هنئي وئي آهي.

بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڪجهه غير ذميوار ماڻهن سرڪاري آفيسن ۽ اهلڪارن کان هٿيار ۽ گاڏيون ورتيون هيون، واپسي جي عمل ۾ انهن ماڻهن هٿيار ۽ گاڏيون واپس نه ڪيون، هاڻ اهي ماڻهو هٿيارن ۽ گاڏين کي کپائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

وزارت موجب ايندڙ حڪم تائين هٿيارن ۽ بنا ڪاغذن جي گاڏين جي خريد ۽ وڪري تي پابندي رهندي.