January 18, 2022

شاهه رخ خان جو پٽ منشيات ڪيس ۾ گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ، شاهه رخ خان جي وڏي پٽ آريان خان کي ڀارت جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) منشيات بابت ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اين سي بي 2 آڪٽوبر جي رات جو ممبئي جي بندرگاهه جي ڪروز شپ تي ٿيندڙ پارٽي تي ڇاپو هنيو.

ان حوالي سان اڳڪٿيون ڪيو پيون وڃن ته بالي ووڊ هڪ وڏي اداڪار جي پٽ کي به ان معاملي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

جنهن کان پوءِ اين سي بي جي هڪ سينيئر عهديدار ميڊيا کي ٻڌايو ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو جي عهديدارن شاهه رخ خان جي پٽ آريان کي گرفتار ڪيو آهي.

اين سي بي جي سينيئر عهديدار چيوته هن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

Follow by Email
YouTube
YouTube