October 26, 2021

مرتضيٰ وهاب ڪراچي واسين لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بهتري ۾ وقت لڳندو، ڪراچي شهر جي صفائي ۽ پارڪن جي نئين سر تعمير پهرين ڪي ايم سي جي پهرين ترجيح آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ ذيشان حيدر پارڪ جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ پارڪ کولڻ اسان جو مشن آهي، پنهنجي ٻارن لاءِ سرسبز ڪراچي بڻائڻ چاهيون ٿا، اهو پارڪ تباهه هو، مان هڪ مهينو اڳ پارڪ ڏٺو هو، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي هڪ مهيني جي ڪوشش سان پارڪ کولي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته ڪيترائي پارڪ عوام لاءِ بند آهن، مان اعلان ڪيان ٿو ته هر مهيني ڪراچي ۾ هڪ پارڪ عوام لاءِ کوليندس.

مرتضيٰ وهاب چيو ته کير ۽ ماکيءَ جو نديون وهائڻ جو واعدو نٿو ڪيان پر شهر ۾ روڊ ٺاهڻ ۽ ڪچرو کڻڻ لاءِ بجيٽ رکي آهي، جلد بهتري نظر ايندي.

هن چيو ته ڪي ايم سي جي ترجيح شهر جي صفائي ۽ پارڪن جي نئين سر تعمير آهي، سنڌ حڪومت کان 13 ورهين جي ڪارڪردگي جو حساب گهريو ويندو آهي پر اهو به ڏسڻو پوندو ته غير قانوني اڏاوتن سميت شهر جي تباهي ۾ ڪنهن ڪنهن حصو وڌو.

ريلوي واري وزير تي تنقيد ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سمجهوتا ايڪسريس جو نالو تبديل ڪري شيخ رشيد ايڪسپريس رکڻ گهرجي.