November 28, 2021

وزيراعظم جو پنڊورا پيپرز ۾ شامل پاڪستانين کان جاچ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان پنڊورا پيپرز ۾ شامل پاڪستانين کان جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنڊورا پيپرز کي ڀليڪار ڪيون ٿا، پنڊورا پيپرز اشرافيا جي ناجائز طريقي سان گڏ ڪيل دولت کي بي نقاب ڪري ٿو، ٽيڪس چوري ۽ بدعنواني سان گڏ ڪيل دولت مالياتي پناهه گاهن ۾پهچي ويندي آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته گڏيل قومن جي اداري چوري ڪيل اثاثن جو اندازو 7 ٽريلين  ڊالر لڳايو آهي، اها دولت وڏي پيماني تي آف شور ٽيڪس هيونز ۾ منتقل ڪئي وئي.

عمران خان چيو ته منهنجي حڪومت پنڊورا پيپرز ۾ آيل سمورن ماڻهن جي جاچ ڪندي، جيڪڏهن ڪا به غلطي ثابت ٿي ته مناسب ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته مان عالمي برادري کان مطالبو ڪيان ٿو ته اها هن سنگين ناانصافي کي موسمياتي تبديلي جي بحران جيان سمجهي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته امير ۽ غريب رياستن جي وچ ۾ اڻ برابري ۾ واڌ ٿيندي.

وزيراعظم چيو ته غربت ۾ واڌ ٿيندي، غريب ملڪن کان امير ملڪن ڏانهن روزگار جي لاءِ سيلاب ايندو جنهن سان سڄي دنيا ۾ وڌيڪ معاشي ۽ سماجي عدم استحڪام پيدا ٿيندو.

واضح رهي ته 2016 ۾ جاري ٿيندڙ پاناما پيپرز ۾ 444 پاڪستانين جا نالا شامل هئا پنڊورا پيپرز ۾ 700 کان مٿي پاڪستانين جا نالا شامل آهن جن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جا مک ماڻهو به شامل آهن.