October 26, 2021

وزيراعظم جي ڪا آف شو ڪمپني ناهي: شهباز گل

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته عمران خان جي ڪا آف شور ڪمپني ناهي.

فيصل آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شهباز گل چيو ته عمران خان نه اهڙو ڪم ڪندو آهي ۽ نه اهڙو ڪم ڪندڙن کي ڇڏيندو آهي، ڪو وزير يا پي ٽي آءِ وارو اهڙو ڪم ڪندو ته اهو جوابده آهي.

هن چيو ته وزيراعظم جي ڪا آف شور ڪمپني ناهي، ٻاهرين ملڪ ڪمپني رجسٽر ڪندڙن جو واسطو عمران خان سان جوڙڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، زمان پارڪ ۾ ٻه گهرن جي هڪ جهڙي ايڊريس آهي.