October 26, 2021

پيپلز پارٽي جو 17 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ وڏي سياسي شو جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي 17 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ وڏي سياسي شو جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پ پ طرفان 18 آڪٽوبر 2007 ۾ بينظير ڀٽو جي قافلي تي ٿيندڙ آپگهاتي حملن جي ياد ۾ 17 سيپٽمبر تي ڪراچي جي جناح باغ ۾ جلسي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جلسي سان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.

جلسي لاءِ پ پ ڀرپور انداز ۾ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اوڀر جي آفيس ۾ درخواست به جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

پ پ طرفان درخواست ۾ لائونڊ اسپيڪرن جي استعمال جي اجازت به طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پ پ جي مقامي توڙي صوبائي ليڊرن کي ڪارڪنن کي جلسي ۾ مڪمل ايس او پيز سان گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته 18 آڪٽوبر 2007 تي بينظير ڀٽو ڊگهي جلا وطني کانپوءِ ڏيهه موٽي هئي، ان دوران سندس قافلي تي هڪٻئي پويان ٻه آپگهاتي حملا ٿيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿيا هئا.